لاهور ـ لاهور ۾ گهريلو جهيڙي خونريزي جو رخ اختيار ڪري ورتو، جيل مان آزادي ماڻيندڙ شخص پنهنجي ئي گهر ۾ رت جي راند کيڏي ڇڏي. رپورٽ موجب عمران نالي شخص زال سان جهيڙو ٿيڻ بعد ڇريءَ جا وار شروع ڪري ڇڏيا، جنهن دوران گهر ۾ موجود ٻيا ماڻهو بچائڻ لاءِ اڳيان وڌيا ته جوابدار انهن کي به نه بخشيوواقعي ۾ جوابدار پنهنجي زال فوزيه، ڌيءَ زينب، ڀاڻيجي رضا ۽ سُهري مرزا کي بي رحميءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب چار ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ايس پي ڪينٽ جو چوڻ آهي ته جوابدار عمران اڳ به پنهنجي زال تي ڇريءَ سان حملو ڪري چڪو آهي. پوليس مقتولين جا لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
