ڪلوئي ونگو پتڻ ويجهو هڪ حيرت انگيز واقعي ۾ مسجد مان ٿيل چوريءَ جو پول کليو آهي، جتي جوابدار عام چور نه پر عطائي ڊاڪٽر ۽ سندس ڪمپائونڊر نڪتا۔ گذريل رات مسجد ۾ چور گهڙي پيا، پر چوڪيدار جي سجاڳي سبب هڪ شخص رنگے هٿ گرفتار ٿي ويو۔ پوليس جي حوالي ڪرڻ بعد خبر پئي ته جوابدار عبدالله مياڻو آهي، جيڪو پاڻ کي ڪمپائونڊر سڏائيندو هو۔ علائقي جي ماڻهن موجب عبدالله مياڻو عام طور تي ماڻهن جو رت جو پريشر چيڪ ڪندو ۽ علاج لاءِ پئسا وٺندو هو، پر اصل ۾ هو پئسن جي حوص ۾ مسجد مان سامان چورائڻ نڪتو۔ گرفتار جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته: “مان ته صرف ڪمپائونڊر آهيان، اصل دماغ ته ڊاڪٽر جو هو! پوليس مطابق واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل به عطائي ڊاڪٽر جي هئي۔ وڌيڪ جاچ دوران پتو پيو ته واقعي ۾ عطائي ڊاڪٽر شريف جهاڳورو، عبدالله مياڻو ۽ يوسف مياڻو شامل هئا۔ ٽنهي مٿان ڪلوئي ٿاڻي تي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هي۔ علائقي واسي حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو انساني جانن سان کيڏندا هئا، سي هاڻي عبادتگاهه جو احترام به وساري چوريءَ تائين پهچي ويا آهن۔
