واهي پانڌي گورک هل اسٽيشن ڀرسان لينڊ سلائيڊنگ سبب هڪ ئي گهر مان ٻه معصوم ڀائر زندگي وڃائي ويٺا، جڏهن ته سندن ماءُ سخت زخمي ٿي پئي. تفصيل موجب جابلو علائقي ۾ لڳاتار برساتن کان پوءِ ڳوٺ ڄمورو ۾ زمين سرڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عبدالرزاق ۽ سندس ڀاءُ قربان، ٻئي خالق بروهي جا پٽ، ملبو هيٺ اچي فوت ٿي ويا. سندن ماءُ ڄام بيبي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جوهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.حادثي بعد ڳوٺ ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي ۽ پاڙي وارا گهر وارن سان ڏک ونڊيندا رهيا.
