ملڪ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو وڌي ويو

اسلام آباد موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان 2 سيپٽمبر تائين نون وسڪارن جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته مسلسل برساتن سبب شهري ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو وڌي ويو آهي رپورٽ موجب پنجاب جي سمورن ضلعن ۾ شديد برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪي پي ۽ گلگت بلتستان جي جابلو علائقن ۾ به تيز وسڪارا پوڻ جو امڪان آهي، جتي لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ 30 ۽ 31 آگسٽ تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، خاص طور تي ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، دادو، سکر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ وسڪارن جو امڪان وڌيڪ آهي بلوچستان ۾ به سڀاڻي کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو، جنهن سان ڪيترن علائقن ۾ شهري ٻوڏ ۽ جابلو وهڪرن جي صورت ۾ نقصان ٿيڻ جا خدشا آهن موسميات کاتي شهرين ۽ ضلعي انتظاميا کي خبردار ڪيو آهي ته هو احتياطي قدم کڻن ۽ ممڪن هنگامي حالتن لاءِ تيار رهن.

پنھنجي راءِ لکو