ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ــ ڪشمور ضلعي ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رئيس بچو خان چاچڙ ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين اسڪول اڳيان احتجاج ڪيو. شاگردن ڪتاب هٿن ۾ کڻي پنهنجي تڪليف ظاهر ڪئي. اسڪول ۾ موجود 250 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پر اسڪول ۾ بجلي، پاڻي، ڪرسيون ۽ ڊيسڪ جون سهولتون موجود نه آهن، جنهن سبب ٻارڙا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اس موقع تي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب اسڪول ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن ۽ انهن جو مطالبو آهي ته فوري بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن.
