شڪارپور: سنڌ فوڊ اٿارٽي جي وڏي ڪارروائي ۾ شڪارپور جي سائيٽ ايريا ۾ غير معياري ۽ غير صحت بخش آچار ٺاهيندڙ فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو ويو۔ ڪارروائي جا تفصيل ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي شهزاد فضل عباسي جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر آپريشنز آغا فاروق احمد ۽ ٽيم ڪارروائي ڪئي۔ دورانِ جاچ فيڪٽري مان: ڪيميڪل گريڊ ڊرم ايسٽڪ ايسڊ (غير خوراڪ لائق ڪيميڪل) برآمد ٿيا، جيڪي خوراڪ ۾ استعمال ڪرڻ انتهائي خطرناڪ قرار ڏنا ويا۔ صفائي ۽ حفاظتي صورتحال ايس ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب فيڪٽري اندر صفائي جي سخت کوٽ هئي، جڏهنته ڪم ڪندڙ عملي طرفان حفاظتي اصولن تي عمل نه ٿي رهيو هو۔ اها صورتحال عوام جي صحت لاءِ وڏو خطرو ٿي سگهي ٿي۔ فوري ڪارروائي پوليس جي مدد سان آصف آچار مينو فيڪچرنگ فيڪٽري کي سيل ڪيو ويو ۽ ان خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي سنڌ فوڊ اٿارٽي جو موقف ايڊيشنل ڊائريڪٽر آپريشنز آغا فاروق احمد جو چوڻ هو ته “سنڌ فوڊ اٿارٽي خوراڪ ۾ ملاوٽ ۽ غير معياري شين جي تياري خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي آهي۔ عوام کي صحتمند خوراڪ فراهم ڪرڻ لاءِ اهڙيون سخت ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون۔”
