مٽياري: پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان هالا جي مختلف هنڌن تي ايس ايم بچاءُ بند جو دورو ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي مٽياري جي بچاءُ بندن تي قبضا ٿيل آهن، جن کي فوري طور ختم ڪرڻ گهرجي۔ چيئرمين بلاول ڀٽو کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل مخدوم جميل الزمان چيو ته: “پنجاب ۾ به بندن تي قبضا ٿيل آهن، آئون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي درخواست ڪندس ته هن معاملي جو نوٽيس وٺن۔” 2010 واري ٻوڏ کان سکيا هن چيو ته 2010 واري ٻوڏ سڀني کي سبق سيکاريو هو، جنهن کانپوءِ هر سال ايس ايم بچاءُ بندن جي مرمت جو ڪم جاري رکيو ويندو آهي۔ موجوده وقت ۾ ضلعي مٽياري ۾ ٻوڏ جهڙي ڪا صورتحال ناهي، پر انتظاميا کي هر حال ۾ الرٽ رهڻ گهرجي۔ خطري وارا علائقا مخدوم جميل الزمان مطابق، هالا جي علائقي ڀاڻوٺ پوائنٽ هر سال خطري ۾ رهندي آهي، جنهن بابت صوبائي وزير ڄام خان شورو پڻ خبردار ڪري چڪا آهن۔ سکر جي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اتي به ڪا ايتري خطري واري حالت ناهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪچي علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال ضرور آهي، پر پڪي تي پاڻي گهٽجي ويو آهي ۽ شاخون به سڪي ويون آهن، جڏهن ته وارا بندي جاري آهي۔ ايريگيشن کاتي جي ذميواري مخدوم جميل الزمان جو چوڻ هو ته موجوده مسئلن جو تعلق برسات جي پاڻي سان نه آهي، پر اهي ايريگيشن کاتي جا معاملا آهن، ۽ کاتو ئي انهن کي حل ڪندو۔
