ڪنڌڪوٽ ۾ جمعيت علماء طاھريہ پاران عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جلسو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ) – جمعيت علماء طاھريہ ڪنڌڪوٽ جي طرفان مولانا سائين بخش ملڪ طاھري جي زير نگراني جامع مسجد غفاري ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جو روح پرور جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عاشقانِ رسول ﷺ شرڪت ڪئي.جلسي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان حافظ ذوالفقار علي اوڳاھي طاھري ڪئي، جڏهن ته نعت خواني فقير غلام ياسين حسيني، فقير عبدالسميع چاچڙ غفاري، فقير عبدالرحيم محمداڻي طاھري ۽ ٻين نعت خوانن ڪلام پيش ڪري شرڪت ڪندڙن کي سرور بخشي ڇڏيو.ان موقعي تي جماعت اصلاح المسلمين ضلع ڪشمور جي صدر خليفه حافظ ذوالفقار علي اوڳاھي طاھري خطاب ڪندي چيو ته حضور اڪرم ﷺ جي زندگي اسان سڀني لاءِ بهترين نمونو آهي، نوجوانن کي گهرجي ته سنتِ رسول ﷺ تي عمل ڪندي پنهنجي زندگيءَ کي سنوارين، صفائي ايمان جو حصو آهي ۽ ان تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.جلسي کي خطاب ڪندي جمعيت علماء طاھريہ ڪنڌڪوٽ جي سينيئر نائب صدر مولانا زين العابدين چاچڙ طاھري چيو ته ”علماءَ سڳورا نبين جا وارث آهن، پر افسوس اڄ معاشري ۾ علمن سان نفرت ڪئي پئي وڃي. علمن جو احترام ۽ سندن رهنمائي اختيار ڪرڻ وقت جي وڏيضرورتآهي.“خصوصي خطاب ڪندي حضرت مولانا مفتي مظھر علي سڪندري چيو ته ”نبي پاڪ ﷺ جن فرمايو ته ڪنهن مسلمان کي هٿ يا زبان سان تڪليف نه ڏيو. پنهنجن ٻارن کي نبي پاڪ ﷺ جي محبت ۽ اهلبيت عظام جي عقيدت سيکاريو، ان ۾ برڪتآهي.“جلسي ۾ مجاهد اھلسنت صوفي يارمحمد سھرياڻي، صوفي غلام محمد ملڪ طاھري، جمعيت علماء طاھريہ ضلع صدر محمد عالم اوڳاھي طاھري، ياسر عرفات باجڪاڻي، جماعت اصلاح المسلمين ضلع جنرل سيڪريٽري جاويد احمد اوڳاھي طاھري ۽ ٻين معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.آخر ۾ ملڪ پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعاءِ خير ڪئي وئي ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ لنگر شريف ورهايو ويو۔

پنھنجي راءِ لکو