لاهور/ملتان: پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي، جڏهن ته ملتان ۽ قصور ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جي خطري سبب لکين ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن۔ پي ڊي ايم اي 30 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بلوچستان جا ڪيترائي شهر به خطري هيٺ اچي ويا آهن۔ رپورٽن مطابق ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ ستلج ۽ راوي دريائن ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، جنهن سبب ڏاکڻي پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن۔ قصور: 1955ع کان پوءِ پهريون ڀيرو ايترو وڏو پاڻي داخل ٿيو آهي۔ اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ بند ٽٽڻ کان پوءِ ايندڙ وهڪرو وڏي پيماني تي نقصان پهچائي رهيو آهي۔ لاهور ۽ ڏاکڻي پنجاب: پي ڊي ايم اي موجب ايندڙ 48 ڪلاڪ ساهيوال، اوڪاڙه ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه لاءِ انتهائي ڏکيا ٿي سگهن ٿا۔ملتان: چناب درياءَ جو وڏو وهڪرو داخل ٿيڻ وارو آهي، جنهن سبب 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن۔ انتظاميه هيڊ محمدوالا تي ڪٽ هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته پاڻي جي دٻاءَ گهٽجي سگهي۔ جلالپور پيروالا ڀرسان ستلج ۾ 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچڻ سبب تقريباً 140 ڳوٺ متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته راجن پور ۽ بهاوالپور جا هيٺاهين علائقا به خطري هيٺ اچي ويا آهن۔ متاثر ٿيل شهرين جو چوڻ آهي ته ريسڪيو لاءِ ٻيڙيون گهٽ آهن ۽ چوپائي مال کي وقت تي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جا انتظام به ناڪافي آهن۔
