ڪنڌڪوٽ: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڊو بئراج جو دورو ڪري سپر فلڊ جي امڪاني صورتحال ۽ احتياطي تدبيرن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان وڏي وزير کي ايمرجنسي پلان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وڏي وزير جي هدايتن تي تيار ڪيل ايمرجنسي پلان مطابق، جيڪڏهن سپر فلڊ اچي ٿو ته ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن جي 8 يوسيز، 38 ڳوٺ ۽ 171 ديهون متاثر ٿي سگهن ٿيون. ان علائقي ۾ لڳ ڀڳ 2 لک 66 هزار 107 ماڻهو ۽ 31 هزار کان وڌيڪ خاندان آباد آهن، جڏهن ته چوپائي مال جو انگ لڳ ڀڳ 2 لک 68 هزار 225 آهي. ضلعي انتظاميا ٻڌايو ته ماڻهن کي سندن چوپائي مال سميت محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو. ڪشمور ۾ 21 ٻيڙيون ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ 15 ٻيڙيون رجسٽرڊ آهن جيڪي ضرورت پوڻ تي استعمال ڪيون وينديون. ان کان علاوه ضلعي ۾ امدادي ڪيمپون به قائم ڪيون ويون آهن. ٽوڙي بند، ڪي ڪي بند، گهوڙاگھاٽ ۽ بي ايس فيڊر آر ڊي 45 تي 4 طبي ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن. ڪچي جي علائقي ۾ لڳ ڀڳ 2 لک ماڻهو رهائش پذير آهن، جن مان 50 کان 60 سيڪڙو ماڻهن کي سندن مائٽن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته 30 سيڪڙو ماڻهن کي حفاظتي ڊيمن سان لڳ سرڪاري اسڪولن ۽ عمارتن ۾ عارضي رهائش فراهم ڪئي ويندي. باقي ماڻهن کي خيمه شهرن ۾ آباد ڪيو ويندو. ضلعي جي ٽن شهرن ۾ خيمه شهر قائم ڪرڻ لاءِ جڳهون تجويز ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ 14 ۽ ڪشمور ۾ 10 سرڪاري عمارتن کي امدادي مرڪزن طور استعمال ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪنهن به شهري کي ڪنهن قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي ۽ متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولت ڏني وڃي. صحت جي سهولتن بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنڌڪوٽ اسپتال ۾ 24 ڊاڪٽر، 78 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 20 بسترا ۽ 2 ايمبولينسون موجود آهن. ڪشمور اسپتال ۾ 13 ڊاڪٽر، 113 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 6 بسترا ۽ هڪ ايمبولينس موجود هوندي. آر ايڇ سي تنگواني ۾ 21 ڊاڪٽر، 15 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 12 بسترا ۽ هڪ ايمبولينس آهي. ان کان علاوه غوثپور، بخشاپور ۽ ڪرمپور جي آر ايڇ سيز ۾ به ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، بسترا ۽ ايمبولينسز موجود آهن. پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيئيٽو (PPHI) جي ذريعي 44 صحت جون سهولتون، 10 ڪي ايم سي سروسز، 10 اي پي آءِ سينٽرز، 16 ليبر روم ۽ 9 ليبارٽريون متاثر علائقن ۾ خدمتون ڏينديون. ان سان گڏ 2 سول ايمبولينسون، 7 پي پي ايڇ آءِ ايمبولينسون ۽ 5 ايمبولينسون 1122 به بروقت امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺنديون. وڏي وزير واضح ڪيو ته ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سڀني شڪايت سيلز کي فوري طور فعال ڪيو وڃي.
