تلھار ۾ اسپتال کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف شٽر بند هڙتال

تلھار (پنهنجي ڊيسڪ) ــ تلھار رورل هيلٿ سينٽر کي اڃا تائين تعلقي اسپتال جو درجو نه ملي سگهيو آهي، جڏهن ته نئين عمارت جو ڪم گذريل اڍائي سالن کان رولڙي جو شڪار آهي. ان صورتحال خلاف جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. هڙتال دوران شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته جي يو آءِ ڪارڪنن موٽر سائيڪلن تي جلوس ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪيو. اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نئين عمارت جو ڪم فوري طور مڪمل ڪيو وڃي ۽ رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقي اسپتال جو درجو ڏنو وڃي. هنن چيو ته گذريل اڍائي سالن کان اسپتال جو ڪم رڪيل هجڻ سبب لڳ ڀڳ ٻن لک آبادي بنيادي علاج ۽ صحت جي سهولتن کان محروم آهي، جيڪو ڳڻتي جوڳي ۽ عوام سان وڏي ناانصافي آهي.

پنھنجي راءِ لکو