وزيراعظم شهباز شريف جو چين جي تيانجن يونيورسٽي جو دورو، پاڪستاني شاگردن سان ملاقات

بيجنگ وزيراعظم شهباز شريف چين جي تيانجن يونيورسٽي جو دورو ڪيو جتي هن پاڪستاني شاگردن سان ملاقات ڪئي ۽ يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي خطاب پڻ ڪيو۔وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تيانجن يونيورسٽي ۾ هن وقت 200 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مجموعي طور تي چين جي مختلف تعليمي ادارن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد پڙهي رهيا آهن، جيڪي ملڪ جا سچّا سفير آهن۔شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستاني شاگرد جديد تحقيق، عصري تعليم ۽ فني مهارتن مان فائدو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته 600 زرعي گريجويٽس چين ۾ پنهنجون تربيتون مڪمل ڪري وطن واپس پهچي چڪا آهن۔ هن زور ڏنو ته ووڪيشنل ٽريننگ وقت جي اهم ضرورت آهي۔وزيراعظم چيو ته پاڪ-چين دوستي پرخلوص محبت ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي قائم آهي ۽ اها هر دور جي آزمائش تي پوري لٿِي آهي۔ پاڪستان مسلمان دنيا جو پهريون ملڪ هو، جنهن عوامي جمهوريه چين کي تسليم ڪيو۔شهباز شريف وڌيڪ چيو ته چين جهڙي طرح پنهنجن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي، اها دنيا لاءِ هڪ بهترين مثال آهي۔ اڄ چين دنيا جي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي ويو آهي، جڏهن ته صدر شي جن پنگ جي گڏيل خوشحالي واري سوچ سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي۔ هن ڳالهه تي به زور ڏنو ته علامه اقبال هڪ صدي اڳ ئي چين جي ترقي جي اڳڪٿي ڪئي هئي۔


پنھنجي راءِ لکو