وزيراعظم شهباز شريف جي ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق

تيانجن (چين) – وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف چين جي شهر تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا.وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين دوران پاڙيسري ملڪ ايران سان تاريخي، ڀائراڻي ۽ عقيدي تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ موجوده تعاون جو جائزو وٺندي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان پاران ايران جي حمايت کي ساراهيندي گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ملاقات دوران صدر پزشڪيان پنهنجي آگسٽ 2025ع جي پاڪستان جي دوري کي يادگار قرار ڏنو ۽ ان کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون باب قرار ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران جي صدر جو تازي دورو پاڪستاني عوام لاءِ خوشيءَ جو سبب بڻيو ۽ ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آندو. هن زور ڏنو ته سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، جڏهن ته علائقائي امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ئي واحد حل قرار ڏنو. ان موقعي تي ايراني صدر پاڪستان ۾ حالين ٻوڏن سبب جاني ۽ مالي نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل لمحن ۾ ايران جي حڪومت ۽ عوام مڪمل طور پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن.

پنھنجي راءِ لکو