ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ بعد چناب درياءَ ۾ تباهي جو وهڪرو، مائي صفوره بند اڏايو ويو

ڀارت پاران چناب درياءَ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ بعد پاڪستان جي مختلف علائقن، خاص طور تي ملتان ڊويزن، گجرات، وزيرآباد، ۽ راوي درياءَ جي ڀرپاسي ۾ خطرناڪ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. صورتحال جي شدت کي منهن ڏيڻ لاءِ راوي درياءَ تي مائي صفوره بند کي حفاظتي قدم طور بم سان اڏايو ويو. ڀارتي هاءِ ڪميشن طرفان پاڪستان کي باضابطه طور آگاهه ڪيو ويو آهي ته چناب درياءَ ۾ اخنور جي هنڌ تان وڌيڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، جنهن ڪري هيڊ مراله ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ دٻاءُ وڌڻ جا امڪان آهن. ملتان ڊويزن ۾ چناب درياءَ جو خوفناڪ ٻوڏ وهڪرو داخل خوفناڪ ٻوڏ وهڪرو ملتان ڊويزن جي حدن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻي وڪوڙي ورتو آهي. انتظاميه مطابق، ملتان شهر جي حفاظتي فلڊ بند، خاص طور تي “اڪبر فلڊ بند” تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي.هتي پاڻي جي سطح ۾ 3 کان 4 فٽ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ويجهن گهرن کي نقصان رسيو آهي، ۽ رهواسي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. مائي صفوره بند کي بم سان ڇو اڏايو ويو؟ راوي درياءَ جي هيڊ سندهنائي تي پاڻي جي غيرمعمولي دٻاءَ سبب ضلعي انتظاميه بند کي بم سان اڏائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ويجهن علائقن کي ٻوڏ جي تباهي کان بچائي سگهجي. بند جي کلڻ سان پاڻي کي جان بوجهي ويجهن آبادين طرف موڪليو ويو آهي، جنهن سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. متاثر ٿيندڙ علائقن جو جائزو چنيوٽ بيراج: پاڻي جو وهڪرو 1 لک 12 هزار ڪيوسڪ تريمون بيراج: وهڪرو 2 لک33هزار ڪيوسڪ

  • پنجند هيڊ ورڪ: وهڪرو 1 لک 69 هزار ڪيوسڪ گنڊا سنگهه والا: اندازي مطابق وهڪرو 2 لک 69 هزارڪيوسڪ (گيجيز غائب آهن، پيمائش نٿي ٿي) پلڪو نالي: وهڪرو 8,386 ڪيوسڪ – مٿانهين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال پي ڊي ايم اي، فوج ۽ سول انتظاميه الرٽ پنجاب جي قدرتي آفتن واري اداري (PDMA) مطابق، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ وهڪرن جو زور وڌي رهيو آهي، خاص طور تي هريڪي زيرين ۽ مناور توري جهڙن علائقن ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو خدشو وڌي ويو آهي. ڊي جي عرفان علي ڪاٺهيا چيو آهي ته، “سول انتظاميه، پاڪ فوج، ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا مڪمل الرٽ تي آهن، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي.”
  • رهواسين لاءِ اهم هدايتون علائقي جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ضلعي انتظاميه ۽ ريسڪيو ٽيمون هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهيون آهن. عوام کي چيو ويو آهي ته هدايتن تي عمل ڪن ۽ غيرضروري سفر کان پاسو ڪن. ممڪن تباهي موجوده صورتحال کي ڏسندي خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته، جيڪڏهن وهڪرو اهڙي ئي شدت سان جاري رهيو ته شهرن، خاص ڪري ملتان، گجرات ۽ لاهور جي ڪجهه علائقن کي به ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچڻ جو خطرو آهي.
پنھنجي راءِ لکو