ڪشمور: سنڌ اندر امڪاني ٻوڏ ۽ پنجاب ۾ تازي ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ڪشمور ضلعي انتظاميا ڪچي وارن علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذرائع موجب، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان جي حڪم تي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور بابر علي بلوچ جي اڳواڻي ۾، پاڪستان نيوي، سنڌ رينجرز ۽ سنڌ پوليس جي مدد سان، بڊاني جي ڪچي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ انهن جي جانورن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. هن عمل ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو ۽ انهن جا مال محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جي ممڪن خطري کي نظر ۾ رکندي، مقامي ماڻهن ۽ مال مويشي جي حفاظت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. ضلعي انتظاميا مقامي ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته هو محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ٿين ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ به اضافي امدادي ڪاروايون جاري رهنديون.
