آمريڪا پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان پاڪ فوج جي حوالي

آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان جي پهرين ڪڙي پاڪ فوج جي حوالي ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي فوجي سينٽرل ڪمانڊ جي تعاون سان امدادي سامان کڻي پهرين اڏام اڄ پاڪستان پهتي، جتان امدادي شيون پاڪ آرمي جي حوالي ڪيون ويون. 6 اڏامن تي امدادي سامان پهچائڻ جو منصوبو آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي ناظم الامور ۽ ڪمانڊر يو ايس آر سينٽ اسلام آباد ۾ امدادي سامان پاڪ فوج جي اختيارين حوالي ڪيو. مجموعي طور 6 اڏامن تي امدادي سامان پاڪستان پهچايو ويندو، جنهن ۾ شامل آهي: ٽينٽس ڊي واٽرنگ پمپ جنريٽرامدادي سامان فلڊ رليف ڪيمپن ذريعي ورهايو ويندو امدادي سامان پاڪ فوج جي فلڊ رليف ڪيمپن جي ذريعي ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايو ويندو. پاڪ فوج ۽ حڪومت طرفان آمريڪا جي حڪومت ۽ فوج جا شڪريا ادا ڪيا ويا آهن ته اهي آزمائش جي گهڙي ۾ پاڪستاني قوم سان گڏ بيٺا.