واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ گذريل مهينن جي تنقيد کان پوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي دوست قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ٻنهي ملڪن جي تعلقات کي اهم ۽ مضبوط قرار ڏنو. صدر ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مودي هميشه دوست رهندو ۽ ڀارت ۽ آمريڪا جو خاص تعلق آهي، ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. ٻئي طرف، ڀارتي وزيراعظم مودي به صدر ٽرمپ جي بيان کي خوش آئند قرار ڏنو ۽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته صدر ٽرمپ جي جذبات ۽ مثبت انداز کي دل سان ساراهيان ٿو، ڀارت ۽ آمريڪا جي وچ ۾ انتهائي مضبوط اسٽريٽجڪ ڀائيواري آهي. ياد رهي ته گذريل مهينن ۾ تجارتي ڇڪتاڻ، 50 سيڪڙو ٽيرف ۽ واپاري ڊيل ملتوي ٿيڻ سبب آمريڪا ۽ ڀارت جي تعلقات ۾ تڪرار پيدا ٿيو هو، جنهن کان پوءِ ٽرمپ مودي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو. گذريل ڏينهن چيني شهر تيانجن ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (SCO) جي اجلاس دوران، چين جي صدر شي جن پنگ، روسي صدر پيوٽن ۽ مودي هڪٻئي سان هٿ ملائيندي گڏ ڏٺا ويا، جنهن کان پوءِ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي ٽنهي اڳواڻن جي گڏيل تصوير سان لکيو ته اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا ڀارت ۽ روس کي چين جي “گهري ۽ اونداهي دائري” کان محفوظ رکيو آهي.