سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ ٻوڏ کان علاوه برساتن لاءِ به تياريون مڪمل آهن. فلڊ مانيٽرنگ سيل جي دوري کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڪمشنرن، آٻپاشي واري وزير ۽ سيڪريٽري کان اپڊيٽ وٺي ڇڏي آهي. هن چيو ته اڄ منجهند 3 وڳي جي صورتحال موجب پنجند بيراج تي 6 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو آهي. ڄام خان شورو هن وقت پنجند تي موجود آهي، کيس ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي 7 لک ڪيوسڪ تائين وڌي سگهي ٿو. پنجند جي ميزر ۾ گهٽتائي سبب پاڻي جي لهر تيز ٿي آهي. تونسه مان 2 لک 17 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. ٻنهي هنڌن کي ڏسندي حڪومت 8 لک ڪيوسڪ تائين جي تياري ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٻوڏ ريلي جي آمد ۾ دير ٿي آهي ۽ 9 سيپٽمبر تي گڊو بيراج تي پيڪ اچڻ جو امڪان آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته حڪومت آبادي جي لڏ پلاڻ لاءِ پڻ تيار آهي: هر ڳوٺ مان ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن. 48 ڪلاڪن اندر ماڻهن کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ وڏا گهر تعمير ڪيا ويا آهن. رليف ڪيمپس، هيلٿ مرڪز ۽ چوپائي مال لاءِ واڙن جي جيو ٽيگنگ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گڊو بيراج کان مٿي ڪوهه سليمان ۾ وڏي برسات جو امڪان ناهي، پر ٿرپارڪر، ٺٽو، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ دادو ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جن لاءِ به تياريون مڪمل آهن. مراد علي شاهه ٻڌايو ته صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪيش ڪمار چاوله، ڄام ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي ۽ رياض شاهه سميت صوبائي اسيمبلي جا نمائندا پنهنجن علائقن ۾ موجود آهن ۽ فعال طريقي سان صورتحال مانيٽر ڪري رهيا آهن.