ميرپورخاص، تلهار ۽ بدين ۾ تيز برساتون، موسم خوشگوار، بجلي معطل

سنڌ جي مختلف ضلعن ميرپورخاص، تلهار ۽ بدين ۾ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، جڏهن ته بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ ڪري شهرين ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي علائقن سمن ڳوٺ، مير واه گورچاڻي، جھلوري سميت ٻين هنڌن تي وقفي وقفي سان برسات جاري آهي. برسات پوڻ سان موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب سراپا احتجاج بڻيل آبادگار طبقو خوشيءَ ۾ جھومي اُٿيو. شهرين برسات پوڻ بعد گهرن کان ٻاهر نڪري برسات مان لطف اندوز ٿيا. تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ سخت گرميءَ بعد موسم ۾ اوچتو تبديلي آئي، ڪڪر وسڻ سان گرميءَ جو زور ٽٽي پيو. شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. شهرين جا چهرا خوشيءَ سان کلي پيا، پر حبس ۽ بجليءَ جي بندش سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سميت ٻين مسئلن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. بدين ۾ به ڪالهه شام کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي. ضلع جي شهرن کوسڪي، شادي لارج، پنگريو، ٽنڊو باگو، ڪڍڻ، سيراڻي ۽ ساحلي علائقن ڀڳڙا ميمڻ، شهيد دودو سومرو، علي بندر ۾ برساتي وسڪارو ٿيو. موسم خوشگوار بڻجڻ سان گڏ ئي جهڙالي سبب سولر سسٽم ناڪاره ٿي ويا آهن. ٻئي طرف موسميات کاتي اڄ کان وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي ايمرجنسي سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ذميواري اي ڊي سي ون کي سونپي وئي آهي ۽ هنگامي رابطي لاءِ نمبر به جاري ڪيا ويا آهن، ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.