پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي رهي آهي ۽ ڏکڻ پنجاب جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري ٻڌايو ته ٻوڏ سبب هينئر تائين 60 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، 4 هزار 335 ڳوٺ ۽ 42 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهنته 18 لک 581 ايڪڙ زرعي ايريا پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جنهن ڪري ڀاڄيون ۽ داليون مهانگيون ٿي ويون آهن. هن ٻڌايو ته حڪومت طرفان وڏو ريليف آپريشن جاري آهي ۽ وڏي وزير مريم نواز جلد وڏي ريليف پيڪيج جو اعلان ڪندي. وزير موجب 21 لک ماڻهو ۽ ساڍا 15 لک چوپائي مال محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا آهن. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته خان بيلا ۽ جلالپور ۾ ايمرجنسي هئي، پر ڪجهه ماڻهو ٻوڏ کي سنجيده وٺڻ بدران سوشل ميڊيا تي وڊيوز اپلوڊ ڪري رهيا آهن. ”ٻوڏ ڪا تفريح يا موج مستي نه آهي، پاڻي جي وهڪرن ۾ تمام گهڻي تيزي آهي“، هن خبردار ڪيو. عظميٰ بخاري ٻڌايو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي جا ڪيس به ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، جنهن ڪري فيوميگيشن ڪئي پئي وڃي. عوام کي اپيل ڪئي ته هو احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ انتظاميه سان تعاون ڪن.
