پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ گڊو بئراج پهچي پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو امڪاني ٻوڏ ۽ پاڻي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڻي پنجند کان ٿيندو گڊو بئراج تائين پهچي رهيو آهي. دوري دوران ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي، ايم اين اي علي جان مزاري، ايم اين اي علي گوهر خان مهر، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي وزير محمد بخش مهر، صوبائي صلاحڪار احسان خان مزاري، ايم پي اي محبوب علي بجاراڻي، ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي، ايم پي اي حاجي عبدالرئوف کوسو، صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو، سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کهيڙو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان، وائس چيئرمين الطاف خان کوسو ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.
