سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات، روڊن تي پاڻي گڏ ٿي ويو

سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گذريل رات کان برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن سبب روڊن تي پاڻي بيهي ويو آهي ۽ شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن۔سج اڀرڻ کان اڳ ئي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات وسندي رهي، جنهن سان موسم خوشگوار ٿي وئي پر ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي گڏ ٿيڻ سبب ٽريفڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيا۔سکر ۾ به گجگوڙ سان گڏ وسڪارو ٿيو، جنهن کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو۔ ساڳي صورتحال واهي پانڌي، ڏوڪري، ڄام صاحب ۽ جروار سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي۔ڪنڊيارو، ٽنڊو مير علي، ڏهرڪي ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات سبب روڊن تي گوڏي تائين پاڻي بيٺل آهي۔ خاص طور تي ڏهرڪي ۾ ملت روڊ، ظفر بازار ۽ جامع مسجد چوڪ تي پاڻي جي نيڪال نه ٿي سگهي، جنهن سبب واپارين ۽ رهواسين کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن۔ڏوڪري ۾ گذريل رات کان لڳاتار برسات سبب بجلي بند ٿي وئي ۽ مواصلاتي نظام به درهم برهم ٿي ويو، جنهن ڪري ماڻهو ٻٽي تڪليف ۾ مبتلا آهن۔


پنھنجي راءِ لکو