تھران/ڪابل: ايراني سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب 6 افغان پناهگير زندگي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا۔ انساني حقن واري اداري جي تازي رپورٽ موجب افغان پناهگير غيرقانوني طور ايران جي سرحد ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، اهڙي موقعي تي سيڪيورٽي فورسز سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب 6 ڄڻا ماري ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا۔ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن۔ رپورٽ موجب فائرنگ سيستان صوبي ۾ ڪئي وئي، جتي ايران جي بارڊر فورسز نه صرف افغانن تي گوليون هلايون پر لڳ ڀڳ 40 ماڻهن کي گرفتار به ڪيو۔ فائرنگ جو نشانو بڻايل مجموعي افغان پناهگيرن جو انگ 120 ٻڌايو پيو وڃي۔ زخمين ۾ احسان الله تاجڪ، نصرالله بارڪزاهي، حزب الله بارڪزاهي، وائي بارڪزاهي ۽ بشير احمد بارڪزائي شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي آهي۔ انساني حقن جي تنظيم موجب گذريل سال به ساڳي قسم جي واقعن دوران 300 کان وڌيڪ افغان پناهگير ايراني بارڊر تي فائرنگ جو شڪار ٿيا هئا، جن ۾ ڪيترائي مارجي ويا هئا۔ واقعي بابت اڃا تائين نه ايران ۽ نه ئي افغانستان جي حڪومت ڪو باضابطو بيان جاري ڪيو آهي۔
