“ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ بعد ستلج ۽ چناب ۾ وهڪرا، ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو”

ڀارت طرفان آبي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، ستلج درياءَ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ ۽ چناب درياءَ ۾ تيز وهڪرن سبب ڏکڻ پنجاب جي صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي۔ آبي وسيلن واري وزارت لاڳاپيل سمورن ادارن کي هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ ڀارتي هاءِ ڪميشن آگاهه ڪيو آهي ته ستلج درياءَ ۾ بريڪي ۽ فيروزپور جي هنڌ تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي۔ ملتان ڀرسان وهندڙ چناب درياءَ ۾ شير شاهه بند تي پاڻي جو وهڪرو برقرار آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي لهڻ جي اميد آهي۔ شير شاهه بند کي ٽوڙڻ جو فيصلو عارضي طور ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪنيڪل ڪميٽي ضرورت پوڻ تي بريچ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪندي۔ تعلقو جلالپور پيروالا اڃا تائين شديد خطري ۾ آهي، جتي ريسڪيو آپريشن جاري آهن۔ شهر کي بچائيندڙ عارضي بند تي به پاڻي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين پاڻي ۾ گهيريل آهن۔ متاثر شهرين لاءِ خيمه بستيون به قائم ڪيون ويون آهن۔ ٻيو وڏو ٻوڏ وهڪرو هيڊ محمد والا وٽان گذري رهيو آهي، جتي گري والا چوڪ تي لڳايل بينج تائين پاڻي پهچي ويو آهي۔ پي ڊي ايم اي پنجاب موجب سانوڻي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ وڌيڪ وهڪرن جو امڪان ناهي۔ ڊي جي عرفان علي ڪاٺهيا چيو آهي ته سانوڻي برساتن جو ڏهون اسپيل ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ هفتي پنجاب ۾ وڏي برسات جو ڪو امڪان ناهي۔