حيدرآباد: تيز برساتن کان پوءِ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، جنهن سبب شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن۔ رپورٽن موجب حيدرآباد ۾ ٻه ڏينهن کان جاري وقفي وقفي سان برسات سبب شهر جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، جڏهن ته هيٺاهين علائقا مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويا آهن۔ برسات جي پاڻي سبب حيدرآباد جو نياز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم به تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويو آهي۔ شهر مان گذرندڙ ريلوي ٽريڪ پڻ پاڻي هيٺ اچي ويو، جنهن ڪري ٽرينون به پاڻي ۾ ٻڏل ٽريڪ تان گذري منزلن تائين پهچڻ لڳيون۔ ٻئي طرف ٿر جي ڏيپلو تعلقي ۾ برسات جو پاڻي اسپتال ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب اسپتال جي عمارت کي بند ڪري او پي ڊي کي متبادل جڳهه تي منتقل ڪيو ويو آهي۔ ان کان علاوه سجاول، ٺٽو ۽ نوشهروفيروز ۾ به برسات کان پوءِ هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن۔ انتظاميا مطابق پاڻي نيڪال جو ڪم جاري آهي۔ ادارتي ذريعن موجب برسات سبب اڄ سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل پڻ معطل رهندو۔