بلاول ڀٽو زرداري جو موريا بند جو دورو، ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري موريا بند جو دورو ڪري ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو ورتو. تفصيل موجب ٻوڏ جو پاڻي پنجاب ۾ تباھ ڪارين کان پوءِ سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي ويو آهي. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري کي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ چيف انجنيئر مختيار ابڙو طرفان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ بندن جي صورتحال ۽ امڪاني خطرا پڻ اجاگر ڪيا ويا. بريفنگ کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري موريا بند تان واپس روانو ٿي ويو. ان موقعي تي ايم پي اي سهيل انور سيال، ايم پي اي جميل سومرو ۽ ٻيا پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا.