ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) – غوثپور ۾ سنڌو درياءَ جي وهڪرن ۾ واڌ سان بندن تي دٻاءُ وڌڻ جون خبرون ميڊيا تي تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن، جنهن سبب ڪچي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ خوف وڌي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي خاندانن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. مليل ڄاڻ موجب ڪچي ۽ پڪي جا ڪيترائي گهر ڀاتي پنهنجو سامان گڏ ڪري ٻين شهرن ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن۔ مقامي سروي موجب ماڻهن آبپاشي کاتي جي عملدارن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي ۽ الزام هنيو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کين ٻوڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جڏهن ته کين حقيقي طور پاڻي اچڻ مان خطرو ناهي لڳندو۔ علائقي جي رهواسين دانهن ڏيندي چيو آهي ته صوبائي وزير ۽ چونڊيل نمائندا واضع چون ٿا ته بند مڪمل طور مضبوط آهن ۽ ڏهه لک پاڻي جو وهڪرو به آساني سان گذري ويندو، پوءِ موجوده ست لک پاڻي تي واويلا ڇو پئي ڪئي وڃي، جنهن مان کين عملدارن جي بدنيتي جو شڪ ٿي رهيو آهي۔ مقامي سڄاڻ حلقن چونڊيل نمائندن تي زور ڀريو آهي ته هو پاڻ بندن جي نگراني ڪن ۽ ماڻهن کي تسلي ڏين ته جيئن بي جا خوف سبب وڌيڪ لڏپلاڻ نه ٿئي ۽ عوام امڪاني ٻوڏ جي تباهي کان بچي سگهي۔