پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر اڊياله جيل ٻاهران صحافين تي تشدد تي معافي طلب

راولپنڊي/اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بيرسٽر گوهر اڊياله جيل ٻاهران صحافين تي تشدد جي واقعو تي بنا ڪنهن شرط جي معافي طلب ڪئي آهي. اڊياله جيل ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن، مبينا طور تي پنهنجي اڳواڻ نعيم حيدر پنجھوتا جي هدايت تي، صحافين طيب بلوچ، اعجاز احمد، فيصل حڪيم ۽ غلام رسول قمبراڻي کي تشدد جو نشانو بڻايو. پرتشدد واقعي کانپوءِ راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا صحافي سراپا احتجاج بڻيا، جڏهن ته بيرسٽر گوهر جي معافي کانپوءِ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ پي ٽي آءِ قيادت واقعي تي شديد تحفظات جو اظهار ڪندي تحقيقاتي ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته ذريعن موجب قيادت نعيم حيدر پنجھوتا جي رويي تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

پنھنجي راءِ لکو