ايشيا ڪپ 2025: ميزبان يو اي اي ڀارت خلاف صرف 57 رنس تي آل آئوٽ

دبئي: ايشيا ڪپ 2025 جي ٻئي ميچ ۾ ميزبان يو اي اي جي ٽيم ڀارت خلاف صرف 57 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ڀارت آساني سان شڪار تي آيو. دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت جي ڪپتان سوريه ڪمار يادوو ٽاس کٽي يو اي اي کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني. يو اي اي جي ٽيم صرف 13.1 اوورن ۾ 57 رنس ٺاهي ڍير ٿي وئي. اوپنر عليشان 22 رنس ۽ ڪپتان وسيم 19 رنس سان آئوٽ ٿيا، جڏهن ته انهن کانسواءِ ڪو به بيٽر ڊبل فيگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو. ڀارت لاءِ ڪلديپ يادوو 4 وڪيٽون ۽ شيوام دوبي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. يو اي اي ۽ ڀارت ٻنهي گروپ “اي” ۾ شامل آهن ۽ هي ميچ ٽيمز جي گروپ اسٽيٽس تي اثرانداز ٿيندو.

پنھنجي راءِ لکو