وزيراعظم شهباز شريف اسرائيلي حملي جي خلاف يڪجهتي لاءِ قطر پهچي ويا

دوحا: پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف اسرائيلي حملي جي خلاف قطري حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر جي راڄڌاني دوحا پهچي ويا. وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال دوحا ايئرپورٽ تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع بابت مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن الثاني ڪيو. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُالله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي پڻ شامل هئا. قطر جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات قطري امير شيخ تميم بن حماد الثني سان طئي ٿيل آهي، جنهن ۾ اسرائيلي جارحيت، عالمي قانون جي ڀڃڪڙين، ۽ خطي ۾ امن جي قيام بابت مشاورت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ملاقات دوران پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان هر مشڪل گهڙي ۾ قطر جو ساٿ ڏئي ٿو ۽ اڳيان به ڏيندو رهندو. ٻئي پاسي، متحده عرب امارات جو صدر محمد بن زايد النهيان به قطر پهچي چڪو آهي، جڏهن ته سعودي فرمانروا محمد بن سلمان جي به قطر پهچڻ جو امڪان آهي. ٽئي اڳواڻ اسرائيلي حملي جي مذمت ۽ قطري قيادت سان يڪجهتي لاءِ دوحا ۾ گڏ ٿي رهيا آهن.