پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنجاب حڪومت طرفان صوبي کي ڪڻڪ ۽ اٽي جي سپلاءِ تي لڳايل مبينه پابندي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي آئين جي آرٽيڪل 151 جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي۔ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي هڪ بيان ۾ چيو ته 31 آگسٽ 2025 تي پنجاب حڪومت طرفان خيبرپختونخواهه کي ڪڻڪ ۽ اٽي جي سپلاءِ تي هٿ ٺوڪي پابندي قومي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي۔ هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 151 واضع ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ واپار، ڪاروبار ۽ آمدرفت آزاد هوندي، جڏهن ته صرف پارليامينٽ کي اهو اختيار آهي ته اها عوامي مفاد ۾ ڪنهن به قسم جون پابنديون لاڳو ڪري۔ فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته ان قدمن جي نتيجي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت پنجاب ۾ لڳ ڀڳ 1200 روپيا جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 2800 روپين تائين پهچي وئي آهي، جيڪا اڳ ئي مهانگائي سان جهيڙيندڙ خاندانن لاءِ وڏي تڪليف جو سبب آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته: ”مان خيبرپختونخواهه جي عوام طرفان ان امتيازي قدم جي سخت مذمت ڪريان ٿو ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کان مطالبو ڪريان ٿو ته اها نه صرف ان زباني حڪم جي مذمت ڪري پر ان کي فوري طور تي واپس وٺي۔“ گورنر زور ڏنو ته غذائي سلامتي تي صوبائي رنڊڪن سبب سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهجي، تنهن ڪري ڪي پي ڪي حڪومت کي گهرجي ته اها فوري طور تي فلور ملز کي ڪڻڪ جو ڪواٽا فراهم ڪري، جيئن قيمتون مستحڪم ٿي سگهن ۽ عوام جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي۔ ٻئي پاسي، گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه اسيمبلي گڏيل طور تي هڪ قرارداد به منظور ڪئي جنهن ۾ پنجاب حڪومت طرفان ڪڻڪ جي سپلاءِ تي پابندين جي مذمت ڪئي وئي ۽ صوبي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ 68 سيڪڙو اضافي جو ذڪر به ڪيو ويو۔