وزيراعظم شهباز شريف جو قطر جو دوري، اسرائيلي حملي جي سخت مذمت

دوحه: قطر تي اسرائيل جي تازو ٿيل حملي جي پسمنظر ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر جي راڄڌاني دوحه پهتو، جتي هن اميرِ قطر شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف 9 سيپٽمبر تي دوحه تي ٿيل اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان قطر جي عوام ۽ قيادت سان مڪمل همدردي ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. پاڪستان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطر تي اسرائيلي حملو، قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.وزيراعظم شهباز شريف زور ڏنو ته اسرائيلي جارحيت کي فوري طور روڪيو وڃي ۽ امت مسلمه کي گڏجي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، جيئن اهڙن حملاڪن کي روڪي سگهجي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ قطر سان گڏ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا تاريخي ڀائيچاري وارا لاڳاپا اڳي به مضبوط رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به اٽل رهندا. وزيراعظم اسرائيلي حملي ۾ قيمتي جانيون وڃڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي شهيدن لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ به نيڪ تمنائون پيش ڪيون.