قاضي احمد (نمائندو) ــ جمال شاھ ٿاڻي جي حد ۾ غيرت جي نالي تي افسوسناڪ ٻٽي قتل جو واقعو پيش آيو آهي، جتي هڪ مڙس پنهنجي زال وزيران مگسي ۽ مهمان طور آيل رشتيدار غلام محمد مگسي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، جوابدار واردات کان پوءِ موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه هيڊڪوارٽر اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو آهي. علائقي واسين واقعي تي شديد ڏک ۽ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته غيرت جي نالي تي اهڙيون وارداتون سماج لاءِ وڏو الميو آهن، جيڪي نه رڳو معصومن جي زندگين سان کيڏن ٿيون پر علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ به خطرو بڻجن ٿيون. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٽيمون رواني ڪري ڇڏيون ويون آهن ۽ جلد کيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.