پريالوءِ (رپورٽ) — پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ قائم الدين اوڍو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ سردار معظم علي خان عباسي اوڍا برادري جي وڏيري امان الله اوڍو جي رهائشگاهه تي پهچي، سندس ڀيڻ جي وفات تي گهري تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي جي ڊي اي چيئرمين يوسي الرا سردار حسين بخش ناريجو ۽ ايس ايڇ او پريالوءِ صادق علي عباسي پڻ موجود هئا، جن وڏيري امان الله اوڍو سان ڀيڻ جي وڇوڙي تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سردار معظم علي خان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي ۾ امن امان جي بهتري لاءِ جلد اثرائتا قدم کنيا ويندا. هن موقعي تي اوڍا برادري جا معزز شخصيتون جن ۾ مولانا عبدالرحمن اوڍو، وڏيرو محمد خان اوڍو، وڏيرو حاجي محمود خان اوڍو ۽ ٻيا برادري جا معزز شامل هئا.