سيلاب جي تباھڪاريون: برطانيه پاران ايمرجنسي رليف لاءِ 3 ملين پائونڊ فراهم

برطانيه پاڪستان ۾ سيلاب ۽ برساتن جي متاثرن لاءِ ايمرجنسي رليف ۽ هنگامي امداد طور 3 ملين پائونڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ترجمان دفترِ خارجه موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا، اعليٰ سطحي دورن جي اهميت، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جو ڏي وٺ ڪيو ويو. ترجمان چيو ته برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ سيلاب متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته وڌيڪ امداد به ڏني ويندي. برطانيه طرفان ڏنل امداد حڪومت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) جي سهڪار سان متاثر علائقن ۾ ورهائي پئي وڃي. ان موقعي تي اسحاق ڊار برطانيا جي بروقت امداد ۽ يڪجهتي تي شڪريو ادا ڪيو. واضح رهي ته ان کان اڳ ڪينيڊا به پاڪستان جي سيلاب متاثرن لاءِ 26 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو هو.