آمريڪي صحافي ٽڪر ڪارلسن جو انڪشاف: ”اسرائيلي ايجنٽن کي نائن اليون حملا اڳواٽ خبر هئي“

واشنگٽن: مشهور آمريڪي صحافي ۽ ميزبان ٽڪر ڪارلسن وڏو دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي ايجنٽن کي نائن اليون حملي بابت اڳواٽ ڄاڻ هئي، پر اهي حقيقتون سالن تائين لڪايون ويون. تفصيل موجب پيرز مورگن جي شو ۾ ڳالهائيندي ٽڪر ڪارلسن اعلان ڪيو ته هو پنهنجي نئين ڊاڪيومينٽري ۾ نائن اليون سان لاڳاپيل لڪل حقيقتون عوام آڏو آڻيندو. هن جو چوڻ هو ته اسرائيلي انٽيليجنس کي ان سانحي بابت اڳ ۾ ئي خبر هئي، پر انهن کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو ويو. ڪارلسن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي قيادت ڪڏهن به ان واقعي تي پنهنجو رويو لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هن ياد ڏياريو ته اڳوڻي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو نائن اليون کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي لاڳاپن لاءِ “فائدي مند” قرار ڏنو هو ۽ ان کي پرل هاربر حملي سان ڀيٽيو هو، جنهن کان پوءِ آمريڪا جنگ ۾ شامل ٿيو. آمريڪي صحافي ٻڌايو ته نيتن ياهو 2002ع ۾ آمريڪي ڪانگريس ڪميٽي ۾ بيان ڏيندي چيو هو: “ڪڏهن ڪڏهن جمهوريتن کي جنگ ۾ ڌڪڻ لاءِ بمباري ڪرڻي پوي ٿي.” ٽڪر ڪارلسن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اسرائيلي ”آرٽ اسٽوڊنٽس“ معاملي جو به ذڪر ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته اهي اصل ۾ انٽيليجنس اهلڪار هئا، جيڪي آمريڪي ايجنسين جي عمارتن ۽ حساس هنڌن تائين رسائي حاصل ڪندا رهيا. ايف بي آءِ جي هڪ دستاويز موجب ڪجهه اسرائيلي شهري نائن اليون حملا فلمائيندا رهيا، جن کي اڳ ۾ ئي واقعي جي ڄاڻ هئي. آمريڪي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته 2001ع جي شروعات ۾ گهٽ ۾ گهٽ 140 اسرائيلي شهري گرفتار ڪيا ويا هئا، جن مان ڪي حملا ڪندڙن جي رهائش وارن علائقن ۾ به رهندا هئا. ٽڪر ڪارلسن وڌيڪ چيو ته اهي سڀ حقيقتون سالن تائين لڪايون ويون، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي جو نائن اليون جي پس پرده سمورا راز عوام اڳيان آندا وڃن.