پنجند وٽ پاڻي وهڪرا گهٽجي ويا، سنڌو درياهه جي بئراجن تي وهڪرن جي تازي صورتحال

پنجند وٽان پاڻي وھڪرا گھٽجڻ بعد سنڌو درياهه ۾ چاڙهه گهٽجي ويو آهي، پر پنجاب ۾ ٻوڏ جو قهر اڃا به گهٽجڻ وارو ناهي۔ سنڌ جي اطلاعات کاتي موجب پنجند وٽ پاڻي وھڪرا 5 لک 90 هزار 382 ڪيوسڪ تائين پهتا، جڏهن ته گڊو بئراج تي ان فلو 544,658 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 514,051 ڪيوسڪ آهي۔ ساڳي وقت سکر بئراج تي ان فلو 470,580 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 422,400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي ان فلو 262,509 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 254,354 ڪيوسڪ آهي۔ پاڻي جي سطح گهٽجڻ باوجود پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن۔ ڀاولپور ۾ 100 کان وڌيڪ ڳوٺ مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جتي ماڻهن جا گهر، فصلون ۽ مال مويشي سڀ تباهه ٿي ويا۔ لوڌران ۾ ٻه حفاظتي بند ٽٽڻ کان پوءِ پاڻي ڳوٺاڻن جي گهرن تائين پهچي ويو۔ ڪيترائي ماڻهو ڇتن ۽ وڻن تي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا، جن کي ڊرون جي مدد سان ريسڪيو ڪيو ويو۔ رليف ڪمشنر موجب پنجاب ۾ ٻوڏ سبب اڃا تائين 97 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 4500 ڳوٺ متاثر ٿيا آهن۔ چناب درياهه ۾ 2,334 ڳوٺ، ستلج ۾ 672 ۽ راوي ۾ 1,482 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن۔ ٻوڏ سبب هزارين خاندان پنهنجا گهر ڇڏي رليف ڪيمپن ۾ پهچي ويا آهن، جتي عورتون ۽ ٻار سخت حالتن ۾ وقت گذاري رهيا آهن۔ ڪيتريون ئي مائرون ٻڌائن ٿيون ته کين پنهنجي ٻارن لاءِ صاف پاڻي ۽ خوراڪ نه ٿي ملي، جڏهن ته بيمارين جي خطري ۾ به واڌ ٿي رهي آهي۔ رليف ڪمشنر جو چوڻ آهي ته اڄ تائين پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جو انگ 44 لک 98 هزار تائين پهچي ويو آهي ۽ 24 لک 51 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو