ڪراچي ڀٽائي آباد ۾ مامي پاران 3 ڀاڻيجين جو قتل، ڪيس داخل

ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ مامي پاران 3 ڀاڻيجين کي مبينا طور ڇريءَ جا وار ڪري قتل ڪرڻ ۽ 14 ورهين جي نينگري کي زخمي ڪرڻ واري دل ڏکائيندڙ واقعي جو ڪيس ملير ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي۔ پوليس موجب ڪيس مقتول ڀينرن جي ڀاءُ ۽ هڪ مقتول عورت جي مڙس جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ زخمي جوابدار اجي ولد رامون کي نامزد ڪيو ويو آهي۔ ايف آءِ آر مطابق اجي گذريل ڏينهن پنهنجي 3 ڀاڻيجين کي ڇريءَ جا وار ڪري قتل ڪيو، جڏهن ته 14 ورهين جي نينگري نندني به حملي ۾ سخت زخمي ٿي پئي۔ واقعي بعد جوابدار اجي پاڻ کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو۔ اسپتال ۾ زخمي ٻارڙي نندني پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته سندس مامي گھر ڀاتين تي حملو ڪري سندس 3 ڀينرن کي قتل ڪيو ۽ کيس به زخمي ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ مامي پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش به ڪئي۔ پوليس موجب مقتول ڀينرن جي سڃاڻپ 17 ورهين جي دانيا، 25 ورهين جي مينا ۽ 20 ورهين جي ايشا طور ٿي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان نندني ۽ جوابدار اجي زخمي حالت ۾ مليا۔ هڪ ٻي عورت به زخمي ملي جنهن دعويٰ ڪئي ته هوءَ پاڙي واري هئي ۽ دانهن تي پهچڻ تي جوابدار کيس به ڇري هڻي زخمي ڪيو۔ ايس ايس پي ملير عبدالخالق شيخ موجب ٻارڙي جو بيان واضح آهي ته سندس مامي 3 ڀينرن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي۔ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته واقعي جا اصل ڪارڻ وقت سان سامهون ايندا۔