ملڪ هر سال ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان برداشت نٿو ڪري سگهي: آرمي چيف جو وڏو بيان

آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ٻوڏ متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري ۽ بحالي ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته رياست هر سال قيمتي حياتين ۽ ملڪيتن جو نقصان برداشت نٿي ڪري سگهي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير قصور سيڪٽر ۽ جلالپور پيروالا ملتان ۾ قائم فلڊ رليف ڪيمپس جو دورو ڪيو، جتي هن ٻوڏ دوران موجوده صورتحال ۽ جاري امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ سول انتظاميه جي ٻين اعليٰ اختيارين به آرمي چيف سان گڏ هئا. آرمي چيف کي متاثر علائقن ۾ جاري ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته سول ۽ فوجي ادارن جي گڏيل تعاون سان ئي متاثر ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن زور ڏنو ته بهتر حڪمراني، عوام دوست پاليسين ۽ ترقياتي منصوبن ذريعي ماڻهن کي هر ڀيري ايندڙ ٻوڏ جي تباهين کان بچائڻ لاءِ گهربل قدمن کي تيز ڪيو وڃي. ان موقعي تي هن عوامي فلاح لاءِ کنيل قدمن جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ فوج جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. آرمي چيف محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيل ٻوڏ متاثرين سان به ملاقات ڪئي ۽ کين ٻيهر آبادڪاري ۽ بحالي ۾ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. فيڊل مارشل رليف آپريشن ۾ مصروف فوجي جوانن، ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن ۽ پوليس آفيسرن سان به ملاقات ڪئي ۽ انهن جي بلند حوصلي، تيارين ۽ انتهائي مشڪل حالتن ۾ عوام جي خدمت جي جذبي کي ساراهايو.

پنھنجي راءِ لکو