سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ آپريشن جي دوران فتنته الهندستان جا 35 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪارروائين جي دوران 12 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 10 کان 13 سيپٽمبر تائين خيبرپختونخواهه ۾ 2 مختلف آپريشن ڪيا جنهن ۾ خوارج جي ٺڪاڻن کي بهتر طريقي سان نشانو بنايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 35 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب فورسز باجوڙ ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 22 خوارج مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز خوارج جي خلاف وزيرستان ۾ به ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 13 وڌيڪ خوارج مارجي ويا. مارجي ويل خوارج ڪيترين ئي دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ملڪ جا 12 بهادر جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته انٽيلجنس رپورٽن ۾ انهي سموري عمل ۾ افغان شهرين جي ملوث هجڻ جي تصديق ٿي آهي. فتنه الخوارج جو پاڪستان جي خلاف افغان زمين جو استعمال ڳڻتي جو سبب آهي. پاڪستان اميد ڪري ٿو ته افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. آءِ ايس پي آر اميد ظاهر ڪئي آهي ته افغانستان پنهنجي زمين کي پاڪستان مخالف دهشتگرد سرگرمين جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ڀارتي اسپانسرڊ خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.