حيدرآباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊويزنل صدر عاجز ڌامراهه، جنرل سيڪريٽري گيان چند ايسراڻي ۽ ايم اين اي طارق علي شاهه ڄاموٽ سان گڏ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.پريس ڪانفرنس دوران عاجز ڌامراهه چيو ته پيپلز پارٽي ڪجھ اهم تنظيمي فيصلا ڪيا آهن، جتي تنظيم سازي جي ضرورت پوندي اتي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پريس ڪلب کي هميشه سياست جو مرڪز سمجهيو آهي ۽ پارٽي قيادت جا شڪرگذار آهيون جن ذميواريون اسان جي حوالي ڪيون.عاجز ڌامراهه چيو ته پيپلز پارٽي هميشه تنقيد کي مثبت طور ورتو آهي. صحافي برادري اسان جي عمل تي نظر رکي ٿي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ کان متاثر عوام سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ ويو ۽ ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيو. هن ٻڌايو ته چونڊيل نمائندا ٻوڏ متاثرن کي راشن پهچائي رهيا آهن ۽ متاثرن لاءِ 21 لک گهرن جو منصوبو جاري آهي، جن مان 9 لک گهر تيار ٿي چڪا آهن.هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد ۾ هن وقت صورتحال بهتر آهي، ڪوٽڙي بئراج مان 4 کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم مان گذرندو جيڪو آساني سان وهندو. سنڌ حڪومت ڪوٽڙي بئراج جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ راشن ۽ ٽينٽن جو انتظام به ڪري ڇڏيو آهي.عاجز ڌامراهه چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ قانون موجود آهي، ڪنهن به شخص جي صرف مطالبي تي نوان صوبا نه ٿا ٺهي سگهن.