ڪشمور ڪنڌڪوٽ رپورٽ: (عبدالخالق چاچڙ) جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ جي چاڙھ سبب سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. هزارين ڳوٺاڻا بي يارو مددگار ڪچي ۾ ڦاٿل ٿي ويا آهن، جڏهن ته انتظاميا هن وقت تائين اثرائتو قدم نه کنيو آهي. تفصيل موجب، سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ مسلسل برقرار آهي، جنهن سبب ڪچي جا رهواسي پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ڪيترائي علائقا مڪمل طور ٻڏي ويا آهن. پاڻي ۾ مڪمل طور ٻڏل علائقن ۾ شامل آهن: رئيس مينگل خان چاچڙ، رئيس جلال الدين ساوند، ملان جيوڻ گولو، حاجي بشير خان ساوند، رئيس حبيب الله ساوند ۽ ڪيترائي ٻيا ڳوٺ. ڳوٺاڻن ٻڌايو آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن جا گهر ۽ فصل ٻڏي ويا آهن ۽ هاڻي هو بي يارو مددگار ويٺل آهن. ڪچي جي علائقي ۾ ٻوڏ سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند، ڦٽي ۽ تر جا فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سبب مقامي زرعي معيشت کي شديد نقصان پهتو آهي. ٻوڏ جي خطري بابت اڳواٽ آگاهي جي باوجود ضلعي انتظاميا پاران ڪو به موثر قدم نه کنيو ويو، جنهن سبب اڄ سوين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙيون، ٽرڪون ۽ ٽريڪٽر استعمال ڪندي ڪچي مان پڪي طرف منتقل ٿي رهيا آهن. ڳوٺاڻن حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته فوري طور ڪچي ۾ ڦاٿل هزارين ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي، کين خوراڪ، علاج ۽ رهائش جي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ صورتحال خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ٻيڙي جي سهولت نه هجڻ ڪري چاچڙ برادري جو هڪ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو هو، جنهن جو لاش اڃان تائين نه مليو آهي.