ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) – ڪرمپور لڳ اڍائي سال اڳ پوليس جي ڪوڙي مقابلي دوران شهيد ٿيل ڳوٺاڻو غلام حسين جعفري جي قتل ڪيس ۾ نامزد پوليس اهلڪار جهانگير چانڊيو پاران منٿ ميڙ قافلو موڪليو ويو، جنهن جو نبيرو مير شاهزين خان بجاراڻي ۽ سيد بشير احمد شاهه جي سرپنچي هيٺ ٿيو۔ فيصلي موجب جهانگير چانڊيو مٿان غلام حسين جعفري جي قتل ۽ زخمين جي حق ۾ ڪل 43 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ شهيد غلام حسين جي وارثن لاءِ 20 لک روپيا ۽ زخمين لاءِ 5 لک روپيا رکيا ويا۔ منٿ ميڙ دوران جهانگير چانڊيو جي والد قرآن پاڪ ۽ جهولي جهلڻ تي 8 لک روپيا معاف ڪيا ويا، جڏهن ته 3 لک روپيا ٿڏي تي مقتول جي وارثن لياقت علي جعفري، محمد عظيم جعفري ۽ گل حسن جعفري کي ادا ڪيا ويا۔ باقي رقم چار قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي۔ فيصلي کان پوءِ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ۽ صلح تي راضي ٿيون۔ هن نبيرن ۾ چاچڙ برادري جي چڱي مڙس مير غلام اصغر علي خان چاچڙ، چانڊيا برادري جي چڱي مڙسن ۽ ٻين معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي۔