ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور ۾ وڏھاري سرگرم ڏوھاري هڪ دفعو ٻيهر ڦر جي واردات ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سنڌ موبائل شاپ ۽ پي سي او جي مالڪ سنيل ڪمار کان ٽين ڀيرو ڦر ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ رقم ٻاهر ڪڍي وئي. رپورٽ موجب، ڪشمور ٿاڻي جي حد پير فتح شاهه بخاري ڀرسان، هٿياربند موٽرسائيڪل سوار ڌاڙيلن موبائل شاپ ۾ داخل ٿي رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. سنيل ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: “هي ٽيون ڀيرو آهي جو مونکان ڦر ٿي رهي آهي. مونکي غريب هجڻ سبب بار بار نشانو بڻايو پيو وڃي. ڇا اسان کي هتي روزي ڪرڻ جو ڪو حق ناهي؟” هن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم واپس ڏني وڃي ۽ کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڪشمور پوليس صرف ڪاغذي ڪارروائي ڪندي رهي ٿي، پر عملي طور تي ڪو به تحفظ مهيا نه ٿي سگهيو آهي. سوال اهو آهي ته بيگناهه شهري ڪيتري ڀيرا لٽجندا؟ عوام مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڪشمور پوليس فوري قدم کڻي ڏوهارين کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي