“دير ۾ فورسز جو آپريشن: 10 دهشتگرد مارجي ويا، 7 جوان شهيد”

دير جي علائقي لال قلعو ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان خوارج جي ٺڪاڻن تي آپريشن دوران دهشتگردن کي مارڻ سان گڏ يرغمال بڻايل شهرين کي به باحفاظت آزاد ڪرايو ويو، جڏهن ته ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جا 7 جوان وطن تي قربانٿي ويا.آءِ ايس پي آر جي پڌرائي مطابق، خفيه اطلاع ملڻ بعد فورسز لال قلعو ۾ ڀارتي پراڪسي فتني خوارج جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڀارتي اسپانسر ڪيل 10 دهشتگرد مارجي ويا.وطن جي حفاظت ۾ شهيد ٿيندڙ بهادر سپوتن ۾ نائيڪ عبدالجليل، نائيڪ گل جان، لانس نائيڪ عظمت الله، سپاهي عبدالمالڪ، سپاهي محمد امجد، سپاهي محمد دائود ۽ سپاهي فضل قيوم شامل آهن، جن پنهنجون حياتيون شهرين جي بچاءَ لاءِ قربان ڪيون.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خفيه اطلاع مطابق انهن دهشتگرد ڪارروائين ۾ افغانستان جا شهري سڌي ريت ملوث آهن. پاڪستان حڪومت اميد رکي ٿي ته افغانستان پنهنجي ذميوارين تي عمل ڪندي پنهنجي ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.