نئون ڪوٽ ۽ نفيس نگر ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن تي ڇاپا، سيمپل ليبارٽري موڪليا ويا

ستوميل ٿرپارڪر نئون ڪوٽ ۽ نفيس نگر جي مختلف زرعي دڪانن تي زراعت کاتي جي ٽيم ڪارروائي ڪري ڀاڻ ۽ دوائن جا سيمپل کنيا. آبادگارن جي مسلسل احتجاج ۽ شڪايتن کانپوءِ سيڪريٽري زراعت جي هدايتن تي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر عثمان جاگيراڻي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ذوالفقار جاگيراڻي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر گلاب راءِ پنهنجي ٽيم سان گڏ نئون ڪوٽ سنتورو بازار، جهڏو، سلور موري ۽ نفيس نگر جي زرعي مرڪزن تي ڇاپا هنيا.ذميوارن ٻڌايو ته دڪانن تان کنيل سيمپل ليبارٽري موڪليا ويندا ۽ آبادگارن جي شڪايتن تي مڪمل جاچ ڪئي ويندي.ياد رهي ته نئون ڪوٽ ۾ غير معياري ۽ نقلي ڀاڻ جي وڪري خلاف آبادگار فيضان قائمخاني، ڀورو درس ۽ ٻين پاران ميڊيا آڏو احتجاج جاري هو، جنهن تي کاتي نوٽيس ورتو.


پنھنجي راءِ لکو