نيو پنڊ، سکر — رهواسڻ عورت مسمات غلام صغرا ابڙو پنهنجي ٻارن سميت سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته پوليس اهلڪارن سندس بيمار پٽ کي بناجواز گرفتار ڪري کنڀي ويو ۽ گهر ۾ موجود عورتن تي به تشدد ڪيو. مسمات غلام صغرا ابڙو جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار ارشاد بلو ۽ سجاد بلو نشي جي حالت ۾ سندس پٽ سهيل ابڙو سان جهيڙو ڪيو ۽ کيس سخت مارڪٽ ڪئي. علائقي جي معزز ماڻهن جي وچ پوڻ تي معاملو عارضي طور ختم ٿيو، پر گذريل رات ساڳيا اهلڪار پوليس جي ڳري نفري سان گهر تي چڙهائي ڪري سهيل ابڙو کي ٻيهر تشدد بعد زبردستي کڻي ويا عورت جو وڌيڪ چوڻ هو ته مزاحمت تي گهر ۾ موجود عورتن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڌيءَ جي شادي لاءِ رکيل ڏاج جا ٻه لک رپيا به کڻي ويا. سندس مطابق سهيل ابڙو کي اڃا تائين اڻڄاتل هنڌ تي قيد ڪري رکيو ويو آهي. غلام صغرا ابڙو الزام هنيو ته جڏهن واقعي جي شڪايت لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي تي ويا ته پوليس سندن دانهن ٻڌڻ بدران کين ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته ملوث اهلڪار کين سنگين نتيجن جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن.هن اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، سندس پٽ کي فوري طور آزاد ڪرايو وڃي ۽ کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.