سنڌو درياءَ ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب گڊو بيراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جو وهڪرو 5 لک 61 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي.سکر بيراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جي آمد 4 لک 80 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 71 هزار ڪيوسڪ تي پهتو آهي. ٻئي طرف سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽ مٺن، راجن پور ۽ چاچڙان شريف تي پاڻي جي آمد ۾ معمولي گهٽتائي