عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي پاڪستاني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي نمائندي ماهر بينيجي چيو ته پاڪستان ۾ سانوڻي برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ٻوڏ جي صورتحال مسلسل تبديل ٿي رهي آهي. ماهر بينيجي چيو ته توسيعي فنڊ ۽ سهولت جو مشن انهي ڳالهه جو جائزو وٺندو ته ڇا پاڪستان جون مالياتي پاليسيون ۽ ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا قدم انهي بحران کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا يا نه. هن وڌيڪ چيو ته اي ايف ايف ۽ آر ايس ايف سهولتون بيروني مدد ۽ مالي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ استعمال ٿينديون. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي هئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي جي بلن ۾ رليف جي لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو وڃي ۽ مالي پيڪيج تي اڳڀرائي ڪئي وڃي.