پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال برقرار آهي، جنهن جي ڪري شجاع آباد، رحيم يار خان، احمد پور شرقيه، راجن پور ۽ وهاڙي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. فيڊرل فلڊ ڪميشن موجب چناب درياءَ ۾ پنجند بيراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ گڊو بيراج تي پڻ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ملتان ۽ ان جي ويجهو بيڊ محمد والا ۽ شير شاهه جا ڪيترائي ڳوٺ اڃان تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. شجاع آباد ۽ جلالپور پير والا ۾ لکين ماڻهو بي گهر آهن. چاچڙان ۾ سوين گهر درياءَ جي حوالي ٿي ويا ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، جڏهن ته رابطي جا روڊ پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا. صادق آباد ۾ نبي شاهه جي علائقي ۾ زمينداره بند ٽٽي ويو، جنهن سبب پاڻي آبادي ۾ داخل ٿي ويو. شجاع آباد ۽ جلالپور پير والا ۾ ٻوڏ جا وهڪرا تباهي مچائي رهيا آهن. اوچ شريف جي دريائي علائقن ۾ پڻ صورتحال سنگين آهي، ۽ پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن ۾ رات دير تائين ريسڪيو آپريشن جاري رهيو. راجن پور ۾ ڪچي جي علائقن ۾ هزارين ماڻهو گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن. متاثر علائقن ۾ روجهان، بنگله اچها، سونمياني ۽ ڪوٽ مٺن شامل آهن. انتظاميه موجب هڪ لک 10 هزار ماڻهو ۽ هڪ لک کان وڌيڪ چوپايو مال محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فلڊ رليف ڪيمپس پڻ قائم ڪيا ويا آهن. ڊرونز جي مدد سان ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. وهاڙي ۾ به 100 کان وڌيڪ ڏوراهين علائقا ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيرجي ويا، جتي 76 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. رحيم يار خان ۾ سنڌو درياءَ تي انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ صورتحال برقرار آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.